ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت فڪس اٽ مهم هلائيندڙعالمگيرخان ۽ سندس ڊرائيور جي ضمانت منظور، آزاد ڪرڻ جو حڪم

alamgeer

ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت فڪس اٽ مهم هلائيندڙ عالمگير خان ۽ سندس ڊرائيور جي ضمانت منظور  ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عالمگير خان ۽ ڊرائيور کي گذريل ڏينهن وزيراعليٰ هائوس آڏو ڪچرو اڇلائڻ تان گرفتار ڪيو ويو هو.

عالمگير خان ۽ سندس ڊرائيور جي وڪيل جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ ڪليم الله ڪلهوڙو جي عدالت ۾ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عالمگير خان ۽ سندس ڊرائيور کي وزير اعليِٰ هائوس آڏو احتجاج ڪندي گرفتار ڪيو ، هنن ڪوبه ڏوهه نه ڪيو آهي ۽ ڪيس ۾ جيڪي قلم لڳايا ويا آهن، اهي ضمانت جوڳا آهن، ان ڪري ٻنهي جي ضمانت منظور ڪئي وڃي.

عدالت اهڙي درخواست منظور ڪندي عالمگير خان ۽ سندس ڊرائيور جي 5-5 هزار رپين عيوض ضمانت منظور ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

عدالت ۾ پيشي دوران عالميگير خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کيس احتجاج ڪرڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي ۽ سندس مهم جاري رهندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*