وزيراعظم نوازشريف گرين لائن بس منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو

nawaz-green-line

وزيراعظم نوازشريف گرين لائن بس منصوبي جو پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ ڪراچي پهچي ويو آهي. وزيراعظم پي اي ايف بيس فيصل تي امن امان بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڊي جي رينجرز ۽ ٻين عملدارن کي آپريشن تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

وزيراعظم نوازشريف خصوصي اڏام ذريعي ڪراچي جي پي اي ايف فيصل بيس پهتو، جتي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، گورنر عشرت العباد، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر، گهرو وزير سهيل انور سيال، آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي ۽ چيف سيڪريـٽري صديق ميمڻ سندس آجيان ڪئي.

وزيراعظم سان گڏ سڌسماءَ وارو وفاقي وزير پرويز رشيد به ڪراچي پهتو آهي. پي اي ايف بيس فيصل تي وزيراعظم کي ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر صوبي ۾ امن امان بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وزيراعظم ڪراچي آپريشن تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

     وزيراعظم نوازشريف انو ڀائي پارڪ ۾ گرين لائن بس سروس منصوبي جو  پيڙهه پٿر رکندو.

 گرين لائن بس منصوبو 18.4 ڪلوميٽرز تي مشتمل آهي، جنهن تي 16 ارب رپيا لاڳت ايندي جيڪا وفاق ادا ڪندي.

 هڪ سال ۾ مڪمل ٿيندڙ گرين لائن بس منصوبو 22 اسٽاپن تي مشتمل هوندو  ۽ ان جو روٽ  سرجاني ٽائون کان ايم اي جناح روڊ تائين هوندو.

     ايئرڪنڊيشنڊ گرين لائن بس سروس ۾ 3 لک شهري روزانو سفر ڪري سگهندا.  جڏهن ته هر بس ۾ مردن ۽ عورتن لاءِ 34 سيٽون هونديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*