وزيراعظم نوازشريف سان پي اي ايف بيس فيصل تي ڪينسر ۾ مبتلا نينگر انوارالله ملاقات ڪئي

nawaz-in-karachi

وزيراعظم نوازشريف سان پي اي ايف بيس فيصل تي ڪينسر ۾ مبتلا نينگر انوارالله ملاقات ڪئي، وزيراعظم نينگر کي حوصلو ۽ تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي تلقين ڪئي.

     وزيراعظم ڪراچي آمد جي موقعي تي پي اي ايف فيصل بيس تي ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا نينگر انوارالله سان ملاقات ڪئي، جنهن وزيراعظم کي چيو ته اوهان ۽ شهبازشريف سندس پسنديده شخصيت آهيو، هو اڪثر ٻنهي جي تعريف ڪندو رهندو آهي.

     وزيراعظم نوازشريف نينگر انوارالله کي چيو ته اوهان ڪينسر ۾ مبتلا هئڻ باوجود حوصلو رکي، اسين سڀ اوهان سان گڏ آهيون ۽ پنهنجو سمورو ڌيان تعليم تي ڏيو.

     وزيراعظم انوارالله سان ملاقات دوران نينگر جي شهباز شريف سان ملاقات ڪرڻ جا به انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*