نيب ڪرپشن ڪيسز کي واضح طريقي سان جاچ بعد عدالتن ۾ کڻي وڃي ٿي:قمرالزمان چوڌري

nab-logo-08

نيب چئرمين قمرالزمان چوڌري چيو آهي ته ڪرپشن معاشري جو بري طرح حصو بڻجي چڪي آهي، نيب ڪرپشن ڪيسز کي واضح طريقي سان جاچ بعد عدالتن ۾ کڻي وڃي ٿي.

اسلام آباد جي سهالا پوليس ڪاليج ۾ پاسنگ آئوٽ تقريب کي خطاب ڪندي قمر الزمان چوڌري چيو ته ڪرپشن سمورين خرابين جي جڙ آهي، جيڪا اسان جي معاشري جو بري طرح سان حصو بڻجي چڪي آهي.

هن چيو ته نيب جا آفيسر ملڪ جي سمورن حصن مان چونڊيا ويا، حڪومت ڪرپشن جي تدارڪ لاءِ نيب جو ادارو قائم ڪري ذميواري ادا ڪئي آهي.

نيب چيئرمين قمرالزمان چوڌري چيو ته نيب ڪرپشن ڪيسز کي واضح طريقي سان جاچ ڪري عدالتن ۾ کڻي وڃي ٿي، ڪرپشن جو مڪمل خاتمو آندو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*