حڪومت جي ناقص پاليسين سبب آبادگارن جون زندگيون جنجال ٿي ويون آهن: عمران خان

Imran-Khan-Speech-24-2-16

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي ناقص پاليسين سبب آبادگارن جون زندگيون جنجال ٿي ويون آهن، يوريا ڀاڻ جي مد ۾ سالياني 30 ارب رپيا اضافي وصول ڪيا پيا وڃن.

سماجي رابطي واري ويب سيٽ تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ عمران خان چيو آهي ته ٽيڪسز جي شرح ۾ اضافي سان بجلي، گئس ۽ ڊيزل جون قيمتون اڳ ئي آبادگارن جي پهچ کان ڏور هيون، هاڻي وري يوريا ڀاڻ جي في ٻوري اڍائي سئو رپيا مهانگي وڪرو ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته مقامي ڀاڻ، درآمد ٿيندڙ ڀاڻ کان به اڍائي سئو رپيا مهانگو ٿي ويندو، جنهن سبب آبادگارن کي 30 ارب رپيا وڌيڪ ڏيڻا پوندا.

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته زرعي جنسن جي قيمتن ۾ آبادگار اڳ ئي بري طرح دٻاءُ جو شڪار آهن، ويتر ناقص پاليسين سبب سندن جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*