سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر جي حڪم تي پيرڳوٺ جي ڪچي واري علائقي مان 120 کان وڌيڪ هارين کي هٿ ڪري عدالت ۾ پيش

High Court Sukkur

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر جي حڪم تي پيرڳوٺ جي ڪچي واري علائقي مان 120 کان وڌيڪ هارين کي هٿ ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو، جتان کين خيرپور جي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش جو حڪم ڏنو ويو آهي. هارين جو چوڻ آهي ته زميندار کين باندي بڻائي جبري پورهيو ڪرائيندو هو.

هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي پوليس پيرڳوٺ جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ فيض محمد ٻنڊو مان عورتن ۽ ٻارڙن سميت 120 کان وڌيڪ هارين کي هٿ ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو.

هاءِ ڪورٽ سمورن هارين کي خيرپور جي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هارين جو چوڻ هو ته ڳوٺ جو هڪ بااثر زميندار اسان کي عورتن ۽ ٻارڙن سميت قيد رکي جبري طور پورهيو ڪرائيندو هو، کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

الزام هيٺ آيل زميندار محمد ڇٽل ڀنڊ جو چوڻ هو ته هارين پورهيو ڪرڻ لاءِ لکين رپيا ايڊوانس طور ورتا هئا، جيڪي ڦٻائڻ لاءِ هو مٿس باندي بڻائي رکڻ جو الزام هڻي رهيا آهن…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*