ٺٽي ويجهو پوليس مقابلي بعد ٻن ڦورن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ghari-kharo-police

ٺٽي ويجهو پوليس مقابلي بعد ٻن ڦورن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب جوابدار ڪراچي مان گاڏي ڦر ڪري بدين وڃي رهيا هئا ته مڪلي ڀرسان مقابلو  ٿي پيو.

ٺٽو پوليس موجب مڪلي باءِ پاس تي گاڏي کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ته هٿيار بندن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني ۽ مقابلي ۾ٻن ڦورن واجد پٺاڻ ۽ نور محمد جٽ کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب گرفتار جوابدار ڪراچي مان هڪ وين ڦر ڪري بدين وڃي رهيا هئا ته مقابلي ۾ کين گرفتار ڪري  گاڏي تحويل ۾ ورتي وئي آهي.

پوليس موجب جوابدارن جو هڪ ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدارن تي پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*