سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو نالو ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ مان خارج ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي

Mushraf

سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو نالو ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ  مان خارج ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

پرويز مشرف جي وڪيل فروغ نسيم سپريم ڪورٽ ۾ مشرف جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ لاءِدرخواست داخل ڪرائي، جنهن ۾ وفاق ۽ گهرو وزارت کي ڌر بڻايو ويو.

درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو آهي ته پرويز مشرف جي طبيعت خراب هئڻ سبب کيس علاج لاءِ ترت پرڏيهه وڃڻو آهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته پرويز مشرف جو نالو ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ مان خارج ڪري کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.

واضح رهي ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس، ججز نظر بندي سميت ڪيترائي ڪيس هلندڙ آهن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*