افغان صوبي هرات جو اڳوڻو گورنر فضل الله وحيدي کي خيبر پختونخواه جي علائقي مردان مان بازياب ڪرايو ويو

fazalallah

افغان صوبي هرات جو اڳوڻو گورنر فضل الله وحيدي کي خيبر پختونخواه جي علائقي مردان مان بازياب ڪرايو ويو آهي، پشاور ۾ مقرر افغان قونصل جنرل عبدالله سندس بازيابيءَ جي تصديق ڪئي آهي.

افغان صوبي جي اڳوڻي گورنر فضل الله وحيدي کي 12 فيبروري تي اسلام آباد مان اغوا ڪيو ويو هو، جنهن کي اڄ مردان مان بازياب ڪرايو ويو آهي.

پشاور ۾ مقرر افغان قونصل جنرل عبدالله، فضل الله جي بازيابيءَ جي تصديق ڪندي سهڪار ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا آهن.

فضل الله وحيدي 2012ع کان 2014ع دوران افغانستان جي صوبي هرات جو گورنر رهي چڪو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*