ايشيا ڪپ ۽ ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم سٺي ڪارڪردگي جومظاهروڪندي:شاهد آفريدي

shahid-afridi

پاڪستان ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته هو گهڻو پراميد آهي ته ايشيا ڪپ ۽ ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم سٺي ڪارڪردگي جومظاهروڪندي.

بنگلاديش جي شهر ڍاڪا ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريدي چيو ته ايشيا ڪپ ۽ ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ کان پهرين منعقد ٿيل پاڪستان سپر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ تيارين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

هن چيو ته پاڪستان 2014 ۾ فائنل ۾ سري لنڪا هٿان شڪست کاڌي هئي ۽ هاڻي سمورن رانديگرن پاڪستان سپر ليگ ۾ پنهنجي غلطين تي ذابطو آڻڻ جي ڀرپورڪوشش ڪئي آهي.

شاهد آفريدي وڌيڪ چيو ته کيس دوستن ۽ رشتيدارن پاران رٽائرمنٽ وارو فيصلو وٺڻ لاءِ تمام گهڻو دٻاءِ آهي، جنهن سبب هو ان فيصلي بابت جلد ميڊيا کي آگاهه ڪندو

————–

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*