ايشيا ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ روائتي حريف ڀارت خلاف سڀاڻي رٿيل اهم ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم اڄ ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾شرڪت

pak vs india

ايشيا ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ روائتي حريف ڀارت خلاف سڀاڻي رٿيل اهم ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم اڄ ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾شرڪت ڪئي آهي.

بنگلاديش ۾ جاري ايشيا ڪپ ٽي-ٽوئنٽي ٽورنامنٽ ۾ قومي ٽيم سڀاڻي روائتي حريف ڀارت سان سڀاڻي مهاڏو اٽڪائي رهي آهي.

ايونٽ جي اهم ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم ڪالهه سڄو ڏينهن آرام ڪيو، جنهن بعد اڄ سمورن رانديگرن هيڊ ڪوچ وقاريونس جي نگراني هيٺ ٽريننگ سيشن ۾شرڪت ڪئي.

ٽريننگ سيشن دوران ٽيم جي سمورن رانديگرن مختلف ورزشون ڪرڻ بعد نيٽ ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس تي ڀرپور ڌيان ڏنو.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو وقتي بالنگ ڪوچ اڳوڻُو آلرائونڊر اظهر محمود نجي دوري تي انگلينڊ روانو ٿي ويو هو،جيڪو  اڄ ٽيم کي جوائن ڪندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*