اسلام آبا هاءِ ڪورٽ، اِي او بي آءِ ڪرپشن ڪيس ۾ ٻن ڊائريڪٽرز جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

islamabad-highi-court

اسلام آبا هاءِ ڪورٽ، اِي او بي آءِ ڪرپشن ڪيس ۾ ٻن ڊائريڪٽرز جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ کين گرفتار ڪيو ويو آهي.

جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ اِي او بي آءِ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران اي او بي آءِ جي ٻن ڊائريڪٽرز نجم الثاقب صديقي ۽ واحد خورشيد  گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست جمع ڪرائي.

ايف آءِ اي عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدارن تي اربين رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي، تنهنڪري سندن ضمانت منظور نه ڪئي وڃي.

عدالت، اهڙي استدعا تي جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ ٻنهي ڊائريڪٽرز کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*