لاهور هاءِ ڪورٽ ٻارڙن کي ماءُ کان وٺي پيءُ حوالي ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

LahoreHighCourtLHC12-8

لاهور هاءِ ڪورٽ ٻارڙن کي ماءُ کان وٺي پيءُ حوالي ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

شهر جي نشتر ڪالوني جي رهواسي ارشاد پنهنجي چئن ٻارڙن جي حوالگي جي حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي.

ٻارڙن جي ماءُ نور بي بي طرفان عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ارشاد ٻي شادي ڪري ڇڏي آهي ۽ ٻن سالن کان هوءَ ٻارڙن جي پرورش ڪري رهي آهي.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ٻارڙا ماءُ کان وٺي پيءُ حوالي ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*