مٺي سول اسپتال ۽ ڳوٺ ڊنڍو ۾ وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، جنهن بعد 57 ڏينهن ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 338 ٿي ويو

thar-child-death

ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو  جاري آهي، مٺي سول اسپتال ۽ ڳوٺ ڊنڍو ۾ وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، جنهن بعد 57 ڏينهن ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 338  ٿي ويو آهي.

مٺي سول اسپتال ۾ ڏيپلي جي ڳوٺ ڳالهائو جي رهواسي منظور جو 3 ورهين جو ٻارڙو ۽ مٺي ڀرسان ڳوٺ چونپڻي جي رهواسي قيمت راءِ جو هڪ ڏينهن جو پٽ فوت ٿي ويو.

مٺي جي ڳوٺ ڊنڍو ۾ پورهيت عبدالڪريم جو هڪ سال جو ٻارڙو عبدالقيوم لنڊ به بيماري جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.

ٿر ۾ عذائيت جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي 57 ڏينهن ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 238  ٿي ويو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*