محرابپور ۾ جوابدارن گهر ۾ گهڙي شاعر ۽ اديب شمشاد قاضي کي گهرواريءَ سميت تشدد ڪري زخمي ڪري وڌو

mehrabpurpoeter

محرابپور ۾ جوابدارن گهر ۾ گهڙي شاعر ۽ اديب شمشاد قاضي کي گهرواريءَ سميت تشدد ڪري زخمي ڪري وڌو، واقعي خلاف شاعرن ۽ اديبن احتجاجي مظاهرو ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.

 عيد گاهه پاڙي ۾ جوابدار گهر ۾ داخل ٿي شاعر شمشاد قاضي کي پنهنجي گهرواري سميت تشدد ڪري زخمي ڪري ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا.

واقعي خلاف شاعرن ۽ اديبن شاهد سمون، اسد مڱڻهار  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.

مظاهرين چيو ته جوابدارن بنا جواز گهر تي حملو ڪري شاعر شمشاد قاضي ۽ ان جي گهواري کي وحشياڻي تشدد جو بڻايو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ شهر جي شاعرن ۽ اديبن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*