قانون جي بالادستي نه ٿيڻ سبب پوليس، ايف آءِ اي ۽ نيب داغدار ٿي چڪا آهن:رضا رباني

raza-rabbani

سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته قانون جي بالادستي نه ٿيڻ سبب پوليس، ايف آءِ اي ۽ نيب داغدار ٿي چڪا آهن، ڪرپشن ملڪ جون پاڙون کوکليون ڪري ڇڏيون.

اسلام آباد ۾ پوليس ڪاليج ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ميان رضا رباني چيو ته قانون جي بالادستي نه ٿيڻ سبب ملڪ مسئلن جو شڪار آهي.

هن چيو ته قانون جي بالادستي نه هئڻ جي ڪري قومي ادارا داغدار ٿي چڪا آهن، نيب جا نوان چونڊيل آفيسر هڪ اهڙي معاشري ۾ وڃن پيا، جتي قانون جي بالادستي نه آهي.

سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو ته ڪرپشن ملڪ جون پاڙون کوکليون ڪري ڇڏيون آهن، ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڪارروائيون ٿيڻ گهرجن.

سينيٽ چيئرمين رضا رباني وڌيڪ چيو ته جيستائين ادارن مان ڪرپشن ختم نه ٿيندي تيستائين ملڪ جي ترقي وارو خواب پورو ٿيڻ ممڪن نه آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*