پي آءِ اي معاملي تي حڪومت جو واضح موقف سامهون نه اچڻ افسوسناڪ آهي:پ پ سينيٽر سعيد غني

saeed ghani

پ پ سينيٽر سعيد غني چيو آهي ته پي آءِ اي معاملي تي حڪومت جو واضح موقف سامهون نه اچڻ افسوسناڪ آهي، خدشو آهي ته پي آءِ اي ملازمن کي فارغ ڪيو ويندو.

قومي اسيمبلي جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اويس لغاري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

سينيٽر ڪامل علي آغا چيو ته فرمائش تحت ڪنهن کي نوازڻ لاءِ قومي ايئرلائين کي وڪرو ڪيو پيو وڃي.

سول ايوي ايشن جي سيڪريٽري عرفان الاهي چيو ته پي آءِ اي جي ڪمپني ۾ تبديل ٿيڻ کانپوءِ ملازمن کي فارغ نه ڪيو ويندو، ايئرويز جو قومي ايئرلائين سان واسطو نه آهي.

سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته پي آءِ اي معاملو حل ٿيڻ گهرجي، ان حوالي سان ملازم پريشاني جو  شڪار آهن.

پ پ جي سعيد غني چيو ته حڪومت پي آءِ اي معاملي تي مونجهارا پيدا ڪري ڇڏيا آهن، ملازمن جا جائز مسئلا حل ٿيڻ گهرجن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*