ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ايف آءِ اي ڪارروايون ڪري انساني اسمگلنگ ۾ ملوث 7 جوابدارن سميت 11 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

FIA

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ايف آءِ اي ڪارروايون ڪري انساني اسمگلنگ ۾ ملوث 7 جوابدارن سميت 11 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، ايف آءِ اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اشفاق عالم موجب ڪاررواين دوران ٽن ڄڻن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، جوابدارن هر مهيني 7 ماڻهن کي اسمگل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايف آءِ اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اشفاق عالم چيو ته يوسف ڳوٺ سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪيون ويون.

هن چيو ته ڪاررواين دوران انساني اسمگلنگ ۾ ملوث پوليس اهلڪار محمد بشير، علي آصف، محمد آصف، قيصر دلي عرف علي بٽ، فيصل نديم، محمد بشير، خان اصغر ۽ عبدالرشيد سميت 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري ٽن ڄڻن کي بازياب ڪرايو ويو آهي.

ايف آءِ اي عملدار موجب جوابدار علي آصف ۽ محمد آصف ماڻهن کان 5 ڪروڙ کان وڌيڪ ڀنگ وٺي چڪا آهن، جڏهن ته پوليس اهلڪار محمد بشير به اسمگلنگ ۾ ملوث آهي.

هن چيو ته جوابدار محمد بشير جاچ دوران ٻڌايو ته هــُو هر مهيني 700 ماڻهن کي سمنڊ ذريعي اسمگل ڪري ٿو، ڪجهه ڏينهن اڳ سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي 30 کان 40 پاڪستاني ٻڏي فوت ٿي ويا هئا.

اشفاق عالم وڌيڪ چيو ته نادرا خلاف جاچ جاري آهي، ايندڙ هفتي 30 وڌيڪ نيون ايف آءِ آرز داخل ڪيون وينديون.

ايف آءِ اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اشفاق عالم وڌيڪ ٻڌايو ته اسمگلنگ جي سموري ڪم جي منصوبابندي راولپنڊي ۾ ٿيندي آهي، جنهن ۾ ٽرانسپورٽر به ملوث هوندا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*