خيرپور ناٿن شاهه ويجهو ڪاڇي واري علائقي ۾ زميني ۽ سڱاوتي تڪرار تان جوابدار فائرنگ ڪري پنهنجي سئوٽ کي قتل ڪري ڇڏيو

KNSHAH

خيرپور ناٿن شاهه ويجهو ڪاڇي واري علائقي ۾ زميني ۽ سڱاوتي تڪرار تان جوابدار فائرنگ ڪري پنهنجي سئوٽ کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

بـُگ ٻرڙا ڀرسان ڳوٺ ٺوڙِهي ۾ جوابدار صابر کوسو، راهب کوسو ۽ ٻين گوليون هڻي 25 ورهين جي بخت کوسو کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس موجب کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين ۽ سڱاوتي تڪرار  تان تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان جوابدار پنهنجي سئوٽ کي قتل ڪيو.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران هڪ جوابدار راهب کوسو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*