قومي ايئر لائين ملازمن کي گولڊن هينڊ شينڪ ذريعي فارغ ڪرڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

PIA

قومي ايئر لائين ملازمن کي گولڊن هينڊ شينڪ ذريعي فارغ ڪرڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي، ترجمان دانيال گيلاني چيو آهي ته گولڊن هينڊ شينڪ لاءِ ڪابه رقم نه مختص ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي اهڙو منصوبو غور هيٺ آهي، افواهه پکيڙي ملازمن ۾ بيچيني پکيڙي پئي وڃي.

پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ پي آءِ اي ترجمان دانيال گيلاني چيو ته ملازمن جي گولڊن هينڊ شينڪ بابت ڪابه اسڪيم غور هيٺ نه آهي.

هن چيو ته افواهن سان قومي ايئر لائين جي ملازمن ۾ بي چيني پيدا ٿي سگهي ٿي، قومي ايئر لائين کي خساري مان ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

پي آءِ اَي ترجمان موجب گولڊن هينڊ شينڪ لاءِ نه ته ڪا رقم رکي وئي آهي ۽ نه ئي اهڙي ڪا منصوبابندي غور هيٺ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*