پاڪ آمريڪا لاڳاپا ايندڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ساڳيا رهندا: آمريڪي سفير ڊيول هيل

amrican-safeer

پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊيول هيل چيو آهي ته پاڪ آمريڪا لاڳاپا ايندڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ساڳيا رهندا، آزاد ۽ پيشه وراڻو ميڊيا جمهوريت جو مضبوط بنياد آهي.

ڪراچي جي آءِ بي اي سينٽر ۾ صحافين جي تربيت لاءِ آمريڪا پاران جوڙيل سينٽر جي افتتاح دوران ڳالهائيندي آمريڪي سفير چيو ته پاڪستان جو عوام محنتي ۽  جفاڪش آهي ۽ هتي جمهوريت وڌيڪ پختي ٿي رهي آهي.

هن چيو ته آمريڪا پاران صحافين جي تربيت لاءِ ادارو قائم ڪرڻ جو مقصد سندس صلاحيتن کي وڌائڻ آهي، ته جيئن آزاد ميڊيا جو مقصد حاصل ڪري سگهجي.

آمريڪي سفير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا ايندڙ وقت ۾ به ساڳيا رهندا.

ان موقعي تي آءِ بي اي جي ڊائريڪٽر عشرت حسين، ڪراچي ۾ مقرر آمريڪي قونصل جنرل برائين هيٿ ۽ ٻين خطاب ڪيو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*