سنڌ ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آمريڪا ۽ سنڌ سرڪار وچ ۾ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون آهن:

edu-day08-9

سنڌ ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آمريڪا ۽ سنڌ سرڪار وچ ۾ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، معاهدي تحت يو ايس ايڊ جي سهڪار سان سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 106 اسڪول تعمير  ڪري ٻارڙن کي مفت تعليم ڏني ويندي.

     وزيراعليٰ هائوس ۾ معاهدي تي صحيحن واري تقريب ٿي، جنهن دوران وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل، تعليم واري وزير نثار کهڙو، سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو ۽ ٻيا عملدار موجود هئا.

     يو ايس ايڊ جي سهڪار سان ڪراچي، جيڪب آباد، دادو، قمبر شهدادڪوٽ، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، لاڙڪاڻي، سکر ۽ خيرپور ضلعن ۾ 106 اسڪول تعمير ڪري ٻارن کي مفت تعليم ڏني ويندي.

     تقريب دوران آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل چيو ته آمريڪا پاڪستان ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ  تيِ خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي.

     وڏي وزير چيو ته جڏهن هو حڪومت ۾ آيا ته سنڌ جي تعليمي ادارن خاص طور پرائمري اسڪولن جي حالت خراب هئي ۽ وڏين ڪوششن کانپوءِ ڪجهه بهتري آئي آهي.

     تعليم واري وزير چيو ته هو سنڌ ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ يو ايس ايڊ جا ٿورائتا آهن.

     تعليم واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهو چيو ته 106 اسڪولن جي تعمير 5 سالن اندر مڪمل ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*