ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ ماءُ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار غلام رباني پنهنجي شروعاتي بيان تان ڦري ويو

qatal-jawabdar

ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ ماءُ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار غلام رباني پنهنجي شروعاتي بيان تان ڦري ويو آهي، جنهن جو چوڻ آهي ته هن ماءُ کي قتل نه ڪيو پر هوءَ ڦر دوران مزاحمت تي مارجي وئي هئي.

پوليس جوابدار غلام رباني کي رمانڊ ۾ واڌ لاءِ جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن دوران جوابدار عدالت ۾ بيان تبديل ڪندي چيو ته هن ماءُ کي قتل نه ڪيو هو پر اها ڦر دوران مزاحمت تي مارجي وئي هئي.

     عدالت پوليس جي درخواست تي جوابدارن جي رمانڊ ۾ 2 ڏينهن جي واڌ ڪندي کيس پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

     جوابدار غلام رباني اسٽيٽ بئنڪ جو اڳوڻو جوائنٽ ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي ۽ هن گذريل هفتي بيان ڏنو هو ته گهريلو تڪرار تان زال کي طلاق ڏيڻ بعد ماءُ کي ڇُرين جا وار ڪري قتل ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*