نيب ڀارت مان آيل ڪا مقدس ڳئون نه آهي، احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي:چوڌري شير علي

chudhry-shar-ali

پاڻي ۽ بجليءَ واري وفاقي وزير چوڌري عابد شير علي جي والد چوڌري شير علي چيو آهي ته نيب ڀارت مان آيل ڪا مقدس ڳئون نه آهي، احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي.

چوڌري شير علي ملتان ۾ گيلاني هائوس تي پهچي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سان سعودي عرب ۾ ڪرين حادثي سبب فوت ٿي ويل سندس ڀاڻيج اسد مرتضيٰ گيلاني جي تعزيت ڪئي.

چوڌري شير علي بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نيب ڀارت مان آيل ڪا ڳئون ناهي جو ان کي مقدس ڪوٺيو وڃي، احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي.

هن چيو 96 سيڪڙو سياستدان درست آهن، يوسف رضا گيلاني جيل جو ساٿي آهي، جنهن ڪري ڪرپشن جا الزام لڳايا پيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*