لاڙڪاڻي ۾ 3 ڏينهن اڳ گلن جي دڪان مان ٿيل چوري جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف واپارين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

larkana-protest

لاڙڪاڻي ۾ 3 ڏينهن اڳ گلن جي دڪان مان ٿيل چوري جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف واپارين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

واپارين مرتضيٰ سانگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

مظاهرين چيوته 3 ڏينهن اڳ بندر روڊ تي جوابدار گلن جي واپاري محرم سانگي جي دڪان جا تالا ٽوڙي روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي ويا هئا، پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

هنن مطالبو ڪيوته دڪان مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪري شهر ۾ وڌندڙ بد امني تي ضابطو آندو وڃي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*