پاڻ کي پنجاب جو خادم اعليٰ سڏرائيندڙ شهباز شريف گهر جو خادم اعليٰ آهي:مولانا فضل الرحمان

fazal-rahman-0

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پنجاب جي مظلوم مڙسن جو مستقبل خوفناڪ نظر اچي رهيو آهي، پاڻ کي پنجاب جو خادم اعليٰ سڏرائيندڙ شهباز شريف گهر جو خادم اعليٰ آهي.

حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ مولانا اعظم جهانگيري جي رهائشگاهه تي سندس والد جي لاڏاڻي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عوام کي غير سياسي شخصيت جي انتظار وارو تاثر ڏيڻ لاءِ ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته هو عورتن جي تحفظ واري قانون تي ڪاوڙيل ناهي، بدبودار قانون سان خانداني زندگي تباهه ٿي ويندي.

هن چيو ته شهباز شريف  پاڻ کي پنجاب جو خادم اعليٰ ڇو ٿو سڏرائي هو ته گهر جو خادم اعليٰ آهي.

جي يو آءِ سربراهه چيو ته آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جو معاملو آئيني ادارن تي ڇڏيو وڃي.

هن چيو ته پاڻي جو خالص منافعو ۽ فائدو واسطيدار صوبي کي ملڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*