ڪراچي جي سچل ٿاڻي تي ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين سميت 20 متحده اڳواڻن خلاف ڪيس داخل

police

ڪراچي جي سچل ٿاڻي تي ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين سميت 20 متحده اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ رياست سان بغاوت ۽ عورتن سان بدتميزي سميت مختلف قلم لڳايا ويا آهن.

     نسرين نالي عورت سچل ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته الطاف حسين ڪجهه وقت اڳ چڙ ڏياريندڙ تقرير دوران رياست ۽ عورتن خلاف غلط ٻولي استعمال ڪئي.

     عورت پاران الطاف حسين ۽ متحده جي ٻين اڳواڻن خلاف داخل ڪرايل ڪيس ۾ رياست خلاف بغاوت ۽ عورتن سان بدتميزي سميت مختلف قلم لڳايا ويا آهن.

     ڪيس ۾ فاروق ستار، حيدر عباس رضوي، وسيم اختر، نسرين جليل، سلمان بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن کي به نامزد ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*