ڀارت خلاف اڄ رٿيل ميچ وڏي اهميت رکي ٿي:شاهد آفريدي

shahid-afridi

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته ڀارت خلاف اڄ رٿيل ميچ وڏي اهميت رکي ۽ هو گهڻو پراميد آهي ته ٽيم متحد ٿي کيڏندي ،جنهن بعد کين ڪاميابي نصيب ٿي سگهي ٿي.

ڍاڪا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان چيو ته ڀارت خلاف اڄ جي ميچ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيم جي سمورن رانديگرن کي ٽنهي شعبن ۾ سخت محنت ڪرڻي پوندي.

هن چيو ته پريڪٽس سيشن ۾ هر رانديگرن پنهنجي غلطين تي ذابطو آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي.

شاهد آفريدي جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪ –ڀارت ڪرڪيٽ ميچز ۾ بالنگ ۽ بيٽنگ جومقابلو ٿيندو آهي، سندس ٽيم ۾ بهترين بالرز موجود آهن ته مخالف ٽيم ۾ سٺا بيٽسمين.

شاهد آفريدي جو وڌيڪ چوڻ هوته مخالف ٽيم کي پاور پلي اندر گهٽ اسڪور ڪرڻ لاءِ دٻاءِ وجهبو،جيئن هو وڏو ٽوٽل نه ڪري سگهي.

هن چيو ته پاڪ-ڀارت عوام ڪرڪيٽ ڏسڻ چاهن ٿا، ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ اهو پيغام کڻي وينداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*