پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي قتل ڪيس ۾ ممتاز قادري کي ڦاهي چاڙهيو ويو

mumtaz-qadri-salman

پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي قتل ڪيس ۾ ممتاز قادري کي ڦاهي چاڙهيو ويو، ڦاهي کان اڳ وارثن سان سندس آخري ملاقات ڪرائي وئي، موت جي تصديق بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ ممتاز قادري کي فجر ويل ڦاهي چاڙهيو ويو، ان کان وارثن جي ساڻس آخري ملاقات ڪرائي وئي.

ڦاهي کانپوءِ ڊاڪٽرز پاران موت جو سرٽيفڪيٽ جاري ٿيڻ بعد ممتاز قادري جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ جيل ٻاهران سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا.

ممتاز قادري جو واسطو پنجاب جي ايليٽ فورس سان هو، هن 4 جنوري 2011ع تي اسلام آباد جي ڪوهسار مارڪيٽ ۾ ان وقت جي گورنر پنجاب سلمان تاثير کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو.

جوابدار کي پهرين آڪٽوبر 2011 تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻه ڀيرا ڦاهي جي سزا ٻڌائي هئي، جنهن کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به برقرار رکيو ۽ صدر ممنون حسين طرفان رحم واري اپيل رد ڪرڻ تي ممتاز قادري کي ڦاهي ڏني وئي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*