وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ اڄ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس

Nawaz-Sharif-13-1-16

وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ اڄ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ آدمشماري بابت تيار ڪيل ايڪشن پلان پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سميت وفاقي وزير ۽ ٻيون لاڳاپيل اختياريون شرڪت ڪنديون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس جي ايجنڊا 6 بدران 9 نقطن تي غور ڪيو ويندو، جنهن جي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته شماريات کاتي طرفان گڏيل مفادن واري ڪائونسل آڏو آدمشماري بابت تيار ڪيل ايڪشن پلان پيش ڪرڻ سان گڏ تفصيلي بريفنگ به ڏني ويندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس دوران آدمشماري بابت ايڪشن پلان تي بحث ته ڪيو ويندو پر آدمشماري جون مهيني تائين ملتوي ٿيڻ جو امڪان آهي.

گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اڄوڪي اجلاس ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۽ بجلي جي رهتن سميت مختلف اهم معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو، جڏهن ته صوبا پنهنجا پنهنجا ڪيس پيش ڪندا………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*