سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊي جي رينجرز، گهرو وزارت، آءِ جي سنڌ ۽ مختلف ايس ايس پيز کي نوٽيس جاري

Sindh High Cooort

سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊي جي رينجرز، گهرو  وزارت، آءِ جي سنڌ ۽ مختلف ايس ايس پيز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته آءِ جي سنڌ جاچ آفيسرن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي يا پاڻ عدالت ۾ پيش ٿي وضاحت ڪري.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ ڪراچي جي مختلف علائقن مان 14 شهرين جي گم ٿيڻ واري درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت جاچ آفيسرن جي ناقص ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آءِ جي سنڌ جاچ آفيسرن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي يا پاڻ عدالت ۾ پيش ٿي وضاحت ڪري.

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ڊي جي رينجرز، گهرو  وزارت، آءِ جي سنڌ ۽ مختلف ايس ايس پيز کي 14 مارچ تائين جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري  ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*