ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نائين زيرو تان گرفتار ڪيل جوابدار عامر سر ڦٽا تي غير قانوني هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو

atc11-9

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نائين زيرو تان گرفتار ڪيل جوابدار عامر سر ڦٽا تي  غير قانوني  هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.

پوليس جوابدار عامر سر ڦٽا کي  اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو، جنهن دوران 2013 ۾ گلشن اقبال واري علائقي ۾ سندس قبضي مان هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.

عامر سر ڦٽا تي  فرد جرم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي  شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب جوابدار عامر سر ڦٽا تي ٻيا به ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*