نوشهري فيروز ۾ 16 ڏينهن اڳ گهر اندر ڪم دوران سڙي زخمي ٿيل نينگري ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي

noshoro-firoz

نوشهري فيروز ۾ 16 ڏينهن اڳ گهر اندر ڪم دوران سڙي زخمي ٿيل نينگري ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، وارثن گهر مالڪ مٿان نينگري کي باهه ڏئي ساڙڻ جو الزام هڻندي ڪيس داخل ڪرائي ورتو آهي.

پڊ عيدن روڊ واري علائقي ۾ 13 فيبروري تي بهرام جعفري جي گهر اندر ڪم ڪندڙ 13 ورهين جي نينگري سوڍي ڌيءَ قائم الدين ڪلهوڙو سڙي زخمي ٿي پئي هئي، جيڪا اڄ ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي.

وارثن گهر مالڪ بهرام جعفري تي نينگري کي باهه ڏئي ساڙڻ جو الزام هڻندي نوشهري فيروز ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.

نينگري جي پيءُ پيءُ قائم الدين ڪلهوڙو الزام هڻندي چيو آهي ته سوڍي ڪجهه مهينن کان بهرام جعفري جي گهر اندر ڪم ڪندي هئي، جنهن کي باهه ڏئي ساڙڻ کانپوءِ ڪيترائي ڪلاڪ دير سان اطلاع ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*