آدمشماري ملتوي ڪجي يا فوج جي نگراني ۾ 2 مهينن اندر ڪرائجي؟: وزيراعظم جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس

Nawaz meeting

آدمشماري ملتوي ڪجي يا فوج جي نگراني ۾ 2 مهينن اندر ڪرائجي؟: وزيراعظم جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ آدمشماري سميت مختلف معاملن تي ويچاريو پيو وڃي.

پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ سيد قائم علي شاهه ۽  شهباز شريف سميت چئني صوبن جي وڏن وزيرن، ڪائونسل جي مميبرز ۽ وفاقي وزير شريڪ آهن.

گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ 6 نقاطي ايجنڊا بدران 9 نقطن تي ويچاريو پيو وڃي، شماريات کاتي طرفان آدمشماري بابت تيار ڪيل ايڪشن پلان پيش ڪيو ويندو.

گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اڄوڪي اجلاس ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۽ بجلي جي رهتن سميت مختلف اهم معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو، جڏهن ته صوبا پنهنجا پنهنجا ڪيس پيش ڪندا.

اجلاس کان اڳ پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزير اعظم نواز شريف سان سيد قائم علي شاهه سميت چئني صوبن جي وڏن وزير ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس جي ايجنڊا ۽ ملڪ جي مجموعي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*