وفاق کي گهرجي ته سمورن صوبن کي هڪ نظر سان ڏسي:پنجاب جي گورنر رفيق رجوانا

punjab-governor

پنجاب جي گورنر رفيق رجوانا چيو آهي ته جمهوريت لاءِ وڪيلن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن ۽ وفاق کي گهرجي ته سمورن صوبن کي هڪ نظر سان ڏسي.

     سٽي ڪورٽ ۾ ڪرا چي بار کي خطاب ڪندي پنجاب جي گورنر رفيق رجوانا چيو ته گورنر جو عهدو سنڀالڻ بعد هو سنڌ جي پهرين دوري تي آيو آهي.

     هن چيو ته هو ڪنهن سياسي مقصد لاءِ نه پر ڪراچي ۾ وڪيلن سان ملڻ لاءِ آيو آهي ۽ جمهوريت لاءِ وڪيلن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.

     پنجاب جي گورنر وزيراعظم پاران ڪراچي بار لاءِ 20 لک گرانٽ جو اعلان ڪندي چيو ته رڳو ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ئي اڳتي وڌي سگهن ٿا.

 هن چيو ته اپوزيشن حڪومت جي خبر وٺندي آهي پر تنقيد براءِ اصلاح هئڻ گهرجي.

     پنجاب جي گورنر وڪيلن کي عدالتن جو احترام ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته وڪيل قانون جي پاسداري ڪن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*