ٿر پارڪر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو بند نه ٿي،انگ وڌي 245 ٿي ويو

THar child dead

مٺي سول اسپتال ۾ اڄ وڌيڪ 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، هڪ ٻارڙِي جي وارثن ڊاڪٽرن تي لاپرواهيءَ جو الزام هڻندي احتجاج ڪيو، رليف انسپيڪٽنگ جج ميان فياض رباني ٻارڙِي جي والدين وٽ پهچي تفصيل وٺندي چيو آهي ته اسپتال انتظاميا کي نوٽيس جاري ڪيا ويندا.

سول اسپتال ۾ ڳوٺ ڀڪوئو جي رهواسي پورهيت جي ٻن سالن جي ڌيءُ روينا فوت ٿي وئي.

ڳوٺ پاٻوهر واسي آيت الله جي هڪ ڏينهن اڳ ڄاول ڌيءُ ۽ ڳوٺ مٺڙائو دل جي رهواسي سومار دل جي ڌيءُ مُنيزا پڻ اسپتال ۾ فوت ٿي ويون.

مٺي سول اسپتال ۾ پورهيت غلام نبي جو هڪ ڏينهن جو ٻارڙو ۽ ڳوٺ ڏيٿا واسي پورهيت موتي ڀيل جي ڌيءُ ڀاوِني فوت ٿي ويا، جنهن بعد ٻن مهينن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 245 ٿي ويو.

فوت ٿي ويل ٻارڙِي ڀاوِني جي وارثن ڊاڪٽرن تي لاپرواهي جو الزام هڻندي لاش اسپتال ۾ رکي ڌرڻو هنيو، جتي رليف انسپيڪٽنگ جج ميان فياض رباني پهچي تفصيل طلب ڪيا.

هن چيو ته ڊاڪٽرن جي غفلت سبب ٻارڙو فوت ٿيو آهي، جنهن تي اسپتال انتظاميا کي نوٽيس جاري ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*