لاس اينجلس ۾ جاري 88 هين اڪيڊمي ايوارڊز تقريب ۾ ايلسيا ڪنڊر کي فلم “ڊينش گرل” لاءِ بهترين معاون اداڪارا جو ايوارڊ ڏنو ويو

awards

لاس اينجلس ۾ جاري 88 هين اڪيڊمي ايوارڊز تقريب ۾ ايلسيا ڪنڊر کي فلم “ڊينش گرل” لاءِ بهترين معاون اداڪارا جو ايوارڊ ڏنو ويو، آسڪر تقريب ۾ پاڪستان مان شرمين عبيد چناءِ شريڪ آهي، شرمين عبيد جي فلم “اي گرل ان دي ريور” جو دنيا جي چئن وڏي فلمن سان مقابلو آهي.

پاڪستان لاءِ پهريون آسڪر ايوارڊ حاصل ڪندڙ شرمين عبيد چنائي جي غيرت جي نالي تي قتل واري واقعن تي ٺهيل دستاويزي فلم “اي گرل ان دي ريور” کي آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.

شرمين عبيد جي فلم “دي گرل ان دي ريور” جو مقابلو دنيا جي چئن فلمن سان آهي.

شرمين عبيد چنائي جو چوڻ آهي ته آسڪر ايوارڊ جي تقريب ۾ شرڪت تي هوءَ تمام گهڻي خوش آهي، فلم جي آسڪر ۾ نامزدگي سبب غيرت جي نالي تي قتل بابت قانون ۾ تبديلي ممڪن ٿي ته هن لاءِ وڏو تحفو هوندپو.

شرمين عبيد چنائي چيو ته آسڪرز ۾ نامزدگي بعد غيرت جي نالي تي قتل جو معاملو سڄي دنيا جي سامهون آيو آهي.

آسڪر ايوارڊ تقريب ۾ پهتل ڀارتي اداڪاره پريانڪا چوپڙا به ريڊ ڪارپيٽ تي جولا وکيريا،جڏهن ته سڄي دنيا مان اسٽارز لاس اينجلس ۾ پهتل آهن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*