گورنر پنجاب رفيق رجوانه اسيمبلي مان منظور ڪيل بل تي صحيح بعد نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

governor-punjab

خبردار هوشيار….!، هاڻ عورتن تي تشدد ڪندڙ شخص جيل وڃڻ سميت سخت سزا ڀوڳيندو، گورنر پنجاب رفيق رجوانه اسيمبلي مان منظور ڪيل بل تي صحيح بعد نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

پنجاب اسيمبلي ۾ عورتن جي تحفظ بابت منظور ڪيل بل گورنر پنجاب ڊاڪٽر رفيق رجوانا ڏانهن اماڻيو ويو هو.

گورنر پنجاب رفيق رجوانه بل تي صحيح ڪرڻ کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

بل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سڀ کان پهريان ملتان ۾ عورتن تي ٿيندڙ ظلم جي نشاندهي ڪئي ويندي ۽ نئين قانون تي عملدرآمد به ڪرايو ويندو.

بل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته زال مڙس جي جهيڙي دوران عورت کي گهران ڪڍڻ ممڪن نه هوندو.

سياسي سماجي تنظيمن بل کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو هو، جڏهن ته مذهبي جماعتن پاران سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*