شهري فيروز ۾ هيپاٽائيٽس پروگرام جي ملازمن کي پگهارون نه ملڻ ۽ سينٽرن تي دوائن جي اڻهوند خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

noshorofaroz-map

شهري فيروز ۾ هيپاٽائيٽس پروگرام جي ملازمن کي پگهارون نه ملڻ ۽ سينٽرن تي دوائن جي اڻهوند خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر ۽ ڊاڪٽر نور مورو جي اڳواڻيءَ ۾ ملازمن ۽ مريضن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته گذريل 7 مهينن کان هيپاٽائيٽس پروگرام جي ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي کي پگهارون نه مليون آهن ۽ نه ئي کين پڪو ڪيو پيو وڃي.

هنن چيو ته هيپاٽائيٽس پروگرام جا ضلعي اندر 5 سينٽر قائم آهن پردوائن جي کوٽ سبب مريضن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته هيپاٽائيٽس پروگرام جي ملازمن کي فوري طور رهيل پگهارون ڏئي سينٽرن مان دوائن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*