ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت لياري گينگ وار جي جوابدار عمر فاروق کي اشتهاري قرار ڏيڻ ڏئي ڇڏيو

atc11-9

ڪراچي جي  دهشتگردي ٽوڙ عدالت لياري گينگ وار جي جوابدار عمر فاروق کي اشتهاري قرار ڏيڻ ڏئي ڇڏيو آهي، جاچ آفيسر پاران  پيش ڪيل رپورٽ ۾ 2012 ۾ لياري جي ڪلري ٿاڻي تي  حملي ۾ عزير بلوچ ۽ سندس ساٿين جي ملوث هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ لياري جي ڪلري ٿاڻي تي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت جوابدار عمر فاروق کي اشتهاري قرار ڏنو.

جاچ آفيسر عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي ته 2 اپريل 2012 ۾ عزير بلوچ ۽ سندس ساٿين لياري آپريشن جي ردعمل ۾ ڪلري ٿاڻي تي حملو ڪيو، جنهن دوران فائرنگ سبب ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.

     عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ساڳي ڪيس ۾ جوابدار عمر فاروق جي مسلسل پيش نه ٿيڻ تي کيس اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*