پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ڪي پي ڪي جي احتساب ڪميشن واري قانون ۾ تڪراري ترميم ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

imran-khan

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ڪي پي ڪي جي احتساب ڪميشن واري قانون ۾ تڪراري ترميم ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽ تي جاري ڪيل پيغام ۾ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو ته هن واعدي موجب، احساب ڪميشن جي قانون بابت اجلاس جي صدارت ڪئي.

هن چيو ته ڪي پي ڪي جي احتساب ڪميشن ۾ صدارتي حڪمنامي ذريعي ڪيل ترميمون ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

عمران خان چيو ته آزاد احتساب يقيني بڻائڻ لاءِ قانون ۾ گڏيل ۽ موثر موسودو تيار ڪري صوبائي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو.

واضح رهي ته ڪي پي ڪي جي احتساب ڪميشن ۾ تڪراري ترميم سبب ڪميشن جي ڊي جي حامد خان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*