رينجرز، پوليس ۽ پاڪ فوج گڏجي دهشتگردن کي منهن ڏئي رهيا آهن، مڪمل امن قائم ٿيڻ تائين آپريشن جاري رکيو ويندو:سهيل انور سيال

ANWAR-SYAL

صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته ويجهڙ ۾ اغوا جو ڪوبه واقعو پيش نه آيو آهي، پهريان اغوا ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ پوليس ڪارروايون ڪري رهي آهي، نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جو سڀاڻي اجلاس سڏايو آهي.

صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته رينجرز، پوليس ۽ پاڪ فوج گڏجي دهشتگردن کي منهن ڏئي رهيا آهن، مڪمل امن قائم ٿيڻ تائين آپريشن جاري رکيو ويندو.

لاڙڪاڻي جي کهڙو ڪامپليڪس ۾ ٽئين جونيئر ڪيمپ ۾ ڪامياب ٿيل 50 شاگردن کي ٽافيون ۽ شيلڊز ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڪافي بهتر ٿي چڪي آهي.

هن چيو ته پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج گڏجي دهشتگردن سان وڙهي رهيا آهن، دهشتگردي کي پاڙان پٽي امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويندو.

صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو ته لاڙڪاڻي جي ترقي تي پ پ قيادت هميشه ڌيان ڏنو آهي، وڌيڪ قدم کڻي سنڌ کي ترقي يافته صوبو بڻايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*