عدالتي فيصلي تي ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ نه کڻڻ گهرجي:مولانا محمد خان شيراني

sherani

اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين مولانا محمد خان شيراني چيو آهي ته عدالتي فيصلي تي ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ نه کڻڻ گهرجي، عورتن جي تحفظ جي نالي تي پنجاب ۾ جوڙيل قانون پاڪستان جي ٺهراءُ جي ابتڙ آهي.

مولانا محمد خان شيراني شڪارپور ۾ امروٽي هائوس تي ڳالهائيندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني آهي.

هن چيو ته عدالتي حڪم تي ڪنهن جوابدار کي قتل ڪيس سزا ڏني وئي آهي ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ نه کڻڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي فيصلن تي ضياءُ الحق جي دور ۾ عمل ٿيندو هو پر جمهوري دورن ۾ سفارشن تي عمل نه ٿي رهيو آهي.

مولانا محمد خان شيراني وڌيڪ چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ عورتن جي حقن بابت منظور ڪيل بل پاڪستان جي ٺهراءُ واري فلسفي هي ابتڙ آهي، جنهن جي هو مذمت ڪن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*