خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻن جهيڙي ۽ ڀڃ ڊاهه جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 15 جوابدارن کي سخت پورهئي سان 23-23 سال قيد ۽ 75-75 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا

khirpur-court

خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻن جهيڙي ۽ ڀڃ ڊاهه جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 15 جوابدارن کي سخت پورهئي سان 23-23 سال قيد ۽ 75-75 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدار ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ 9 سال قيد جي سزا ڀوڳيندا.

اي ٽي سي ڪورٽ جي جج ڪوثر بخاري جي عدالت ۾ ٽنڊو مستي ٿاڻي جي حد ڪولاب جيئل ۾ دڪانن کي باهه ڏيڻ ۽ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت جوابدارن مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سخت پورهئي سان 23-23 سال قيد ۽ 75-75 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ تي جوابدار وڌيڪ 9 مهينا قيد ڀوڳيندا.

3 سال اڳ ڪولاب جيئل ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو هو، جنهن دوران ڀڃ ڊاهه ڪري ڪيترائي دڪان ساڙيا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*