آسڪر ايوارڊز ۾ ڪاري نسل جي اداڪارن کي نظر انداز ڪرڻ خلاف هالي ووڊ ۾ احتجاجي مظاهرو

People-protest

آسڪر ايوارڊز  ۾ ڪاري نسل جي اداڪارن کي نظر انداز ڪرڻ خلاف هالي ووڊ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي شهري حقن جي جاکوڙي الشرپٽن ڪري رهيو هو.

50 جي لڳ ڀڳ ماڻهن هالي ووڊ جي هاءِ لينڊ ۽ سنسيٽ انٽرسيڪشن وٽ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا هيش ٽيگ آسڪرس سو وائيٽ تحريڪ جو حصو هئي.

شارپٽن جو چوڻ هو ته گذريل سال به آسڪر ايوارڊ جون سموريون نامزدگيون گوري نسل جون ڪيون ويون هيون، جنهن خلاف آواز اٿارڻ تي اسان کي چيو ويو ته هڪ موقعو ڏنو وڃي ته بهتر نتيجا ملي ويندا، پر هيل به ساڳي صورتحال آهي، جنهن تي هو ٻيهر احتجاج ڪري رهيا آهن.

هالي ووڊ ۾ احتجاجي ريلي کانسواءِ امريڪا جي ٻين شهرن ۾ به آسڪر ايوارڊز ۾ نسلي متڀيد واري لاڙي خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سندن مقصد اهو نه آهي ته ڪو ڪاري نسل جي اداڪارن کي هر حال ۾ ايوارڊ ڏنو وڃي پر کين مقابلي ۾ ئي شامل نٿو ڪيو وڃي ته هو اهو چوڻ تي مجبور آهن ته ڄڻ منظم نموني ڪاري نسل جي ماڻهن کي مقابلي کان ئي ٻاهر ڪيو وڃي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*