پنجاب اسيمبلي مان عورتن بابت بل اوچتو منظور ناهي ٿيو:پرويز رشيد

parviz-rashid

سڌسماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته ڪراچي سميت سموري ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ پنجاب اسيمبلي مان عورتن بابت بل اوچتو منظور ناهي ٿيو.

     ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي نئين ٽرانسميٽر جي افتتاحي تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته ماضيءَ جي غلطين مان سبق سکي اسان کي دهشتگردي واري سوچ ختم ڪرڻي آهي.

     هن چيو ته پاڪستان جو عوام باشعور آهي، اهو سمجهي ٿو ته ڇا غلط ۽ ڇا صحيح آهي، سڀني کي لفظن جي جنگ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

     سڌسماءَ واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ عورتن بابت ٺهراءُ اوچتو منظور نه ٿيو آهي پر ان تي ايوان ۾ بحث ڪيو ويو.

     پرويز رشيد چيو ته هو عورتن کي ماريندڙن سان گڏ نه پر مائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهن ۽ حڪومت عوام کي پيش ايندڙ تڪليفون ختم ڪرڻ لاءِ بل پاس ڪيو آهي.

     وفاقي وزير چيو ته سڀني کي عدالتي فيصلن جو  احترام ڪرڻ گهرجي ۽ ممتاز قادريءَ واري ڦاهيءَ تي احتجاج بلاجواز آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*