سنڌ اسيمبلي ۾ سرڪاري ملازمن جي تحفظ ۽ مراعتن کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ سنڌ سوشل سيڪيورٽي بل منطور

Sindh-Assembly-6-8

سنڌ اسيمبلي ۾  سرڪاري ملازمن جي تحفظ ۽ مراعتن کي  قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ سنڌ سوشل سيڪيورٽي بل ۽ ٻيو ڀيرو آسڪر ايوارڊ حاصل ڪندڙ شرمين عبيد چناءِکي ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ منطور ڪيو ويو،ميمبرن  صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ سرڪار جي ڪارڪردگي تي تنقيد ڪندي چيو ته ادارن جي بهتري لاءِ قدم کڻڻ بدران انهن خانگايو پيو وڃي.

     سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران پارلياماني معاملن ۽ تعليم واري وزير نثار کهڙي سوشل ايمپلائيز سڪيورٽي بل پيش ڪيو، جنهن جي اڪثريتي راءِ سان منظوري ڏني وئي.

     اجلاس دوران پيپلزپارٽي جي ارم خالد ۽ متحده قومي موومينٽ جي هير سوهو ٻيو ڀيرو آسڪر ايوارڊ حاصل ڪندڙ شرمين عبيد چناءِ کي مبارڪون ۽ ڀيٽا پيش ڪرڻ وارا ٺهراءَ پيش ڪيا، جن جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي.

     اسيمبلي ميمبرن چيو ته شرمين عبيد چناءِ پاران ٻيو ڀيرو ايوارڊ حاصل ڪرڻ نه رڳو پاڪستان پر سموري دنيا جي مسلمان عورتن لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي.

     هنن چيو ته شرمين عبيد چناءِ ڪاروڪاري جي رسم تي دستاويزي فلم ٺاهي، جنهن کي ايوارڊ ته مليو پر اهڙي ڪُڌي رسم کي روڪڻ لاءِ فوري طور قانونسازي ڪرڻ گهرجي.

     اجلاس دوران نوازليگ ايم پي اي امير حيدر شاهه شيرازي ٺٽي جي اسپتالن جي خراب صورتحال بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته اسپتالن ۽ اسڪولن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي، بهتر آهي ته سنڌ سرڪار جي به نجڪاري ڪئي وڃي.

     پي ٽي آءِ  جي ايم پي اي خرم شير زمان ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ 3 وائين شاپ هئڻ تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته آبادي وارن علائقن ۾ وائين شاپ هئڻ سبب سماجي براين ۾ اضافو ٿئي ٿو، انڪري اهڙن دڪانن کي بند ڪرڻ گهرجي.

     اجلاس دوران تعليم واري وزير روينيو کاتي جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته روينيو کاتي ۾ ٿيل ڀرتين جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ رڪارڊ به ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو  ويو آهي.

   ايوان ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*