سنڌ هاءِ ڪورٽ عزير بلوچ جي وارثن سان ملاقات ڪرائڻ، کيس طبي سهولتون ۽ شفاف ٽرائل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Sindh High Court Karachi Sindh

سنڌ هاءِ ڪورٽ عزير بلوچ جي وارثن سان ملاقات ڪرائڻ، کيس طبي سهولتون ۽ شفاف ٽرائل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ عزير بلوچ جي گهر واري ثمينا جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي رينجرز عزير بلوچ سان ملاقات ڪرڻ نٿي ڏئي ۽ نه وري ان کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.

عدالت اهڙي درخواست تي رينجرز کي عزير بلوچ جي وارثن سان ملاقات ڪرائڻ، کيس طبي سهولتون ۽ شفاف ٽرائل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*