سنڌ هاءِ ڪورٽ لياري ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي 3 مهينن اندر پڪو ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم

Sindh High Court Karachi

سنڌ هاءِ ڪورٽ لياري ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي 3 مهينن اندر پڪو ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني  بئنيچ لياري ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته هو ڪيترن سالن کان ڊيوٽي ڪري رهيا آهن پر کين پڪو نٿو ڪيو وڃي.

عدالت ڊي جي لياري ڊيولپمينٽ اٿارٽي کي معاملي جي مانٽرنگ ڪرڻ ۽ ملازمن کي  3 مهينن اندر پڪو ڪري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*