آل روينيو سنڌ ايمپلائيز ايسوسيئيشن مطالبن جي مڃتا لاءِ 16 مارچ کان ٽَي ڏينهن ڪم ڇڏ هڙتال

hyderabad-revenue-protest

آل روينيو سنڌ ايمپلائيز ايسوسيئيشن مطالبن جي مڃتا لاءِ 16 مارچ کان ٽَي ڏينهن ڪم ڇڏ هڙتال، ڌرڻن ۽ 20 مارچ تي ڳڙهي خدابخش لاءِ پيادل مارچ ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي.

حيدرآباد ۾ روينيو ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري مرڪزي صدر سردار علي شاهه، ماجد خاصخيلي ۽ امجد لاشاري جي اڳواڻيءَ ۾ شهباز بلڊنگ ۾ ڪمشنر آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ سردار شاهه چيو ته ملڪ جي ٻين صوبن توڙي آزاد ڪشمير ۾ سرڪاري ملازمن کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي پر سنڌ ۾ ملازمن کي نه ته اپ گريڊ ڪيو وڃي ٿو ۽ نه ئي ٽائيم اسڪيل ملي رهيو آهي.

هن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن روينيو ملازمن جا جائز مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته 16 فيبروري کان 18 مارچ تائين ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڌرڻا هنيا ويندا، جنهن بعد 20 مارچ تي ڳڙهي خدابخش لاءِ پيادل مارچ ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*